امر لال، ڪامريڊ

امر لال، ڪامريڊ

ڪامريڊ امر لال

امر لال، ڪامريڊ: نامور سياستدان ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ امر لال ولد ٺاڪرداس تلريجا 24 اپريل 1958ع تي پني عاقل شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پني عاقل ۽ سکر مان حاصل ڪيائين. هو ننڍي هوندي کان ئي انتهائي ذهين هو، سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي انقلابي ۽ نظرياتي سياست ۾ پير پاتائين. 1970ع ۾ عاشق سومري، نور الله ملڪ، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ ۽ سرور سيف جي رفاقت ۾ ايس. اين. ايس. ايف ۾ شموليت اختيار ڪيائين. بعد ۾ ايس. اين. ايس. ايف جو مرڪزي اڳواڻ بڻيو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ سبب سرڪار جي نظرن ۾ رهيو، سياسي سرگرمين دوران ڪيترا ڀيرا گرفتار ٿيو ۽ روپوش رهيو. 1980ع ۾ حيدرآباد مان گرفتار ٿيو ۽ کيس ’ڄام ساقي سازش ڪيس‘ ۾ شامل ڪيو ويو. ملٽري ڪورٽ ۾ سندس ڏنل بيان تاريخي اهميت جو حامل آهي. آزاديءَ کانپوءِ به ڪافي عرصو ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ متحرڪ رهيو، ان وچ ۾ هن اوڀر يورپ جي ڪيترن سوشلسٽ ملڪن جا دورا ڪيا ۽ بين الاقومي ڪانفرنسن توڙي سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ٽٽڻ کانپوءِ ڪامريڊ امر لال پارٽيءَ کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ نئين سياسي واٽ ورتي.آمريڪا سميت ڪيترن ملڪن جا ڪائونسل جنرل ۽ ٻيا عملدار سندس ڏاهپ ۽ بصيرت جا قائل رهيا. ڪامريڊ امر لال جي رسائي ملڪ جي مقتدر شخصيتن تائين رهي، پرويز مشرف جي پوين ڏينهن ۽ محمد ميان سومري جي نگران ڪابينه ۾ نگران وفاقي وزير رهيو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي، سندس خدمتن جو محور هندو جاتيءَ جي فلا۽ ۽ بهبود آهي. ڪامريڊ امر لال هن وقت تائين غير شادي شده آهي.


لفظ ڪامريڊ امر لالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.04.24  عيسوي

نامور سياستدان ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ امر لال ولد ٺاڪرداس تلريجا 24 اپريل 1958ع تي پني عاقل شهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرزاق ميمڻ ڊاڪٽر
مير محمد نورنگي جاگيراڻي
شرت ڀڳتياڻي
سيد نذر محمد شاهه
سنت مهر بخش
سلمان تاثير
سوامي غريب داس
عابده سلطان شهزادي
ساقي عبداللطيف
پريمي موهن لعل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون